حافظ عبدالستار ڪوريجو

حافظ عبدالستار ڪوريجو

حافظ عبدالستار ڪوريجو

حافظ عبدالستار ڪوريجو: حافظ عبدالستار ولد نظام الدين ڪوريجو، 8 ڊسمبر 1958ع تي ڳوٺ ڪوريجا، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري اباڻي ڳوٺ مان پڙهڻ بعد لاڙڪاڻي جي مدرسي عربيه اشاعت القرآن ۾ پڙهيو ۽ ٻن سالن ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيائين. مئٽرڪ، انٽر بعد بي ڪام 1986ع ۾ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم. اي (اڪنامڪس: 1989ع)، ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) ڪيائين. هن 1989ع ۾ بي. ايڊ ۽ 1994ع ۾ ايم. ايڊ گورنمينٽ ايجوڪيشن ڪاليج سکر مان ڪئي. هيءُ 15 مارچ 1983ع تي پرائمري استاد ۽ بعد ۾ هاءِ اسڪول جو استاد مقرر ٿيو. هن لکڻ جي شروعات 86-1985ع ڌاري ڪئي. سندس ڪتاب: (1) رني ڪوٽ يا راني ڪوٽ 2007ع (2) تاريخ سنڌ ساگر (2009ع) ڇپيل آهن. کيس ڪلهوڙا عباسي تنظيم طرفان چوٿون تنوير عباسي ادبي اوارڊ (2005ع) ۽ ٽيچر اوارڊ به مليل آهي. سندس مستقل رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.12.08  عيسوي

حافظ عبدالستار ولد نظام الدين ڪوريجو، 8 ڊسمبر 1958ع تي ڳوٺ ڪوريجا، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.


1983.03.15  عيسوي

هيءُ 15 مارچ 1983ع تي پرائمري استاد ۽ بعد ۾ هاءِ اسڪول جو استاد مقرر ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درويش زڪريا
پير صدرالدين
مولانا جلال الدين ٺٽوي
سيراني خواجه محڪم الدين
رشيد صديقي حافظ
شهمير خان ڀنگوار
سورٺ ٿيٻو
شورو سڪندر علي ڊاڪٽر
شمس الدين شيخ ڊاڪٽر
پنهور منظور علي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون